گڏيل قومن طرفان دهشتگردن خلاف پاڪستان جي ڪارروائين جو اعتراف

نيويارڪ: ڀارت جي الزامن جي باوجود گڏيل قومن پنهنجي رپورٽ ۾ دهشتگردن جي خلاف پاڪستان جي ڪارروائين جو اعتراف ڪيو آهي.
گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪونسل جي 27هين رپورٽ ۾ اهم انڪشاف آڏو آيا آهن ۽ ڀارت جي الزامن باوجود دهشتگردن جي خلاف پاڪستان جي ڪارروائين جو اعتراف ڪيو ويو آهي.
گڏيل قومن طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان دهشتگردن تنظيمن ۽ گروپن جي خلاف ڪارروائي لاءِ ثابت قدم آهي، دهشتگرد تنظيمن جي ڀارتي حمايت تي ڊي جي آءِ ايس پي آر ڊوزيئر پيش ڪيو، پاڪستان ٽي ٽي پي ۽ جي يو اي کي ڀارتي فنڊنگ تي گڏيل قومن ڏانهن ڊوزيئر موڪليو، سلامتي ڪونسل جي پابندي بابت ڪميٽي ٻنهي دهشتگرد گروپن کي نامزد ڪيو.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته پنج گروپن شهريار محسود، جماعت الاحرار، امجد فاروقي گروپ ۽ عثمان سيف الله ٽي ٽي پي سان اتحاد ڪيو اعلان ڪيو، گروپ بندي ٽي ٽي پي جي طاقت ۾ واڌ ڪئي حملن ۾ تيزي آئي، ٽي ٽي پي جي ويڙهه جي قوت 2500 کان 6000 جي وچ ۾ آهي، ٽي ٽي پي انضمام سان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ دهشتگردي جي خطري ۾ واڌ ٿي.
گڏيل قومن جي رپورٽ موجب جولائي ۽ آڪٽوبر 2020 جي وچ ۾ سرحد پار کان 100 کان وڌيڪ حملن لاءِ ٽي ٽي پي ذميوار هئي، پاڪستان ٽي ٽي پي طرفان دهشتگردي جي خطري کي مستقل طور اجاڳر ڪيو جڏهن ته آمريڪا افغانستان ۾ موجود ٽي ٽي پي جي يو اي جي دهشتگردن کي پاڪستان لاءِ خطرو قبول ڪيو.
يو اين مانيٽرنگ رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردن جي مالي سهولتڪارن جي گرفتاري ۽ ادارن جا اثاثا منجمند ڪرڻ جي نشاندهي ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔