افغان صوبي قندوز ۾ طالبان جو سيڪيورٽي پوسٽ تي حملو، 16 اهلڪار مارجي ويا

ڪابل: افغانستان جي صوبي قندوز ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي طالبان جي حملي ۾ 16 اهلڪار مارجي ويا ۽ ٻه زخمي ٿي پيا.
افغان ميڊيا موجب طالبان رات دير سان قندوز جي ضلعي خان آباد جي علائقي تپا اختر ۾ سڪيورٽي آئوٽ پوسٽ تي حملو ڪيو.
قندوز جي صوبائي ڪونسل جي ميمبر رباني رباني طالبان جي حملي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ٻن سيڪيورٽي اهلڪارن کي يرغمال به بڻايو ويو.
طالبان طرفان هن وقت تائين ان حملي جي تصديق يا ترديد جي حوالي سان ڪو به بيان ناهي اچي سگهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔