پاڪستان خود اراديت لاءِ جدوجهد ۾ ڪشميرين جي حمايت جاري رکندو:وزيراعظم

اسلام آباد: ڀارت ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهراءُ پٽاندڙ حل ڪرڻ ۾ سنجيده آهي ته پاڪستان 2 قدم اڳتي ايندو، اسان امن خاطر 2 قدم اڳتي وڌائڻ لاءِ تيار آهيون، پر امن ۽ استحڪام واري خواهش ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، وزيراعظم عمران خان يومِ ڪشمير تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ڀارت 7 ڏهاڪن کان ڪشميرين جي آزادي واري جذبي کي دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي، پاڪستان خود اراديت لاءِ جدوجهد ۾ ڪشميرين جي حمايت جاري رکندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔