پنڊي ۾ جلسو ڪرڻ جو طئه ڪيو ويو پر ايترا بزدل آهن جو مظفر آباد هليا ويا: شيخ رشيد

راولپنڊي: پي ڊي ايم پنڊي جي لياقت باغ ۾ جلسو ڪرڻ جو طئه ڪيو پر ايترا به بزدل آهن جو مظفر آباد هليا ويا، هڪ جرنيل چيو ته چانهه پيئارينداسين، اسان چيو ته ديسي گيهه ۽ بادامن جو حلوو کارائينداسين، پر پي ڊي ايم وارا پنڊي نٿا اچن، وفاقي گهرو وزير پي ڊي ايم کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي، شيخ رشيد چيو آهي ته چيو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ فضل الرحمان پنهنجو رستو بند گهٽي مان کُليل گهٽي تي آڻي ڇڏيو، ٻئي پارٽيون نواز ليگ کي وچ چوڪ تي ڇڏي ڏينديون، پي ڊي ايم وارا مارچ بدران 26 فيبروري تي اسلام آباد اچن، خبر پئجي ويندي ته ڪيتري پاڻي ۾ آهن، لانگ مارچ دوران قانون هٿ ۾ کنيو ته اهڙو حشر ڪندس جو تاريخ ياد رکندي، پي ڊي ايم وارا بند گهٽي ۾ ڦاٿل آهن، آخرڪار حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، ڳالهين جي دڳ تي اچڻ سان ئي پي ڊي ايم جي بهتري آهي، چئلينج ڪريان ٿو مريم نواز کي اڄ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ملي ته پي ڊي ايم ختم ڪرڻي پوندي، جنهن اسيمبلي تي فضل الرحمان لعنت وجهندو هو، سينيٽ اليڪشن ۾ اُن ئي اسيمبلي جي ميمبرز کان ووٽ گهرندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔