اڄڪلهه عمران خان جي وڏڙن جا نواز ليگ کي فون ايندا آهن: مريم نواز

مظفر آباد: اڄڪلهه عمران خان جي وڏڙن جا نواز ليگ کي فون ايندا آهن، چيو ويندو آهي ته خدا جو واسطو اٿئو ته سينيٽ چونڊن ۾ اوپن بيلٽ لاءِ قانونسازي ۾ عمران خان جو ساٿ ڏيو، اسان جواب ڏنو ته جعلي حڪمرانن سان گڏجي ڪوبه ڪم نه ڪنداسين، جعلي حڪمرانن جي وڃڻ کانپوءِ سينيٽ ۾ شو آف به ٿيندو، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان هاڻي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ پئسا گهري رهيو آهي، اسان عمران خان کان استعيفيٰ به وٺنداسين، کيس عوام جو لٽيل ناڻو به واپس ڪرڻو پوندو، عمران خان تابعداري ۾ پاڪستان جي گهرو ۽ پرڏيهي پاليسي کي ڪمزور ڪري ڇڏيو، کيس جواب ڏيڻو پوندو ته سندس حڪومت ۾ ڀارت کي ڪشمير ٽوڙڻ جي همت ڪيئن ٿي؟ نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي مظفر آباد ۾ جلسي کي خطاب دوران حڪومت تي ڇتي تنقديد، مريم نواز چيو آهي ته عمران خان ۽ کيس حڪومت ۾ آڻيندڙن کي حساب ڏيڻو پوندو، جعلي حڪمرانن کان جواب وٺنداسين ته ڪشميرين جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ڇو ٿيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔