پالڪ جا ٻوٽا به هاڻ اي ميل ڪرڻ لڳا

بوسٽن: هاڻ بي زبان ٻوٽا به اي ميل ذريعي دنيا کي آبهوا ۾ تبديلي جو اطلاع ڪرڻ لڳا آهن، ان ڏس ۾ پهريان پالڪ جي ٻوٽن زبان کولي آهي.
توڙي جو اهو سائنس فڪشن فلم جو منظر يا مستقبل جو منظر لڳي ٿو پر ايم آءِ ٽي (ميساچيوسيٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي) جي ماهرن پالڪ جي پتن کي نينوٽيڪنالوجي سان پيش ڪيو آهي ۽ هو ان کي اي ميل به موڪلڻ لڳا آهن.
ان کان پهريان نينوٽيڪنالوجي سان ليس ڪيو آهي ۽ هو ان کي اي ميل به موڪلڻ لڳا آهن.
ان کان پهريان نينوٽيڪنالوجي سبب ايم آءِ ٽي جي ماهرن پالڪ کي بارودي مواد سڃاڻپ ڪندڙ سينسر ۾ تبديل ڪيو آهي، ان کانپوءِ ٻوٽا وائرليس سان ان جو اطلاع ڏيڻ جي قابل ٿي ويا،اهڙيءَ طرح هڪ سادو ٻوٽو بارود جي سڃاڻپ ڪندڙ بڻجي سگهي ٿو.
ٻوٽا زمين ۾ نائٽروايئروميٽڪس مرڪبن کي محسوس ڪري سگهن ٿا پر ٻوٽن جي ڪهاڻي اتي ختم نٿي ٿئي، ايم آءِ ٽي جو پروفيسر مائيڪل اسٽرانو چوي ٿو ته ٻوٽا پنهجي ذات ۾ تجزياتي ڪيميادان (ايناليٽيڪل ڪيمسٽ) هوندا آهن، ان جون پاڙون مستقل زميني پاڻي جمع ڪنديون رهن ٿيون ۽ ان کي پوري ٻوٽي تائين پهچائين ٿيون.
ماهر ان ڪيفيت کي سمجهي ٻوٽن کي ماحولياتي آلودگي، موسم جي هيٺ مٿاهين ۽ آبهوا ۾ تبديلي نوٽ ڪرڻ جو سينسر ٺاهي سگهجي ٿو.
ماهرن موجب ٻوٽا ڀرپاسي کان ڪافي ڊيٽا جمع ڪندا رهندا آهن، ايتري تائين جو هو ماحولياتي تبديلين کي چڱيءَ طرح نوٽ ڪري سگهن ٿا، ان علم کي ”نيوبايونڪس“ جو نالو ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔