سپريم ڪورٽ رولز ٺاهڻ لاءِ ججز کان راءِ ورتي، جن کي اعتراض آهي اهي لکت ۾ راءِ ڏين: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ رولز ٺاهڻ لاءِ ججز کان راءِ ورتي هئي جن ميمبرن کي اعتراض آهي اهي لکت ۾ راءِ ڏين.

اسلام آباد ۾ جوڊيشل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته فيسيليٽيشن سينٽر پهرين آڪٽوبر کان مڪمل طور تي ڪم شروع ڪري ڇڏيندو، فيسيليٽيشن سينٽر ۾ سموري انفارميشن ڏني ويندي. ٽيڪنالاجي جي ذريعي انصاف جي فراهمي کي موثر بنائڻو آهي، اي سروسز جي به شروعات ٿي چڪي آهي.

هن چيو ته ڪيسز کي جلد اڪلائڻ ترجيحات ۾ شامل آهي، عدالتي نظام ۾ شفافيت انصاف مهيا ڪندو. انهي کان اڳ جلد ڪيس مقرر ڪرڻ جي درخواست سڄو سال چيف جسٽس جي ڪمري ۾ پيل رهنديون هيون، اڄ اعلان ڪري رهيو آهيان ته اسان اندروني آڊٽ به ڪرائي آهي.

جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته سپريم ڪورٽ رولز ۾ ججز جي موڪلن جو معاملو واضح ڪيو. عدالتي موڪلن جي دوران ڪنهن به جج کي اجازت جي ضرورت نه آهي پر عام موڪلن کان علاوه ٻئي موڪل جي لاءِ ٻڌائڻ لازمي هوندو. هن وڌيڪ چيو ته سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ ججز جي خلاف 64 شڪايتن جو فيصلو ٿي چڪو آهي، 72 شڪايتون راءِ جي لاءِ ميمبرن کي ڏنيون ويون آهن، باقي 65 ڪيسز رهجي ويا آهن، جيڪي ججز کي ڏنا ويندا.

چيف جسٽس چيو ته هن مهيني جي آخر تائين سپريم جوڊيشل ڪونسل جي گڏجاڻي ٿيندي، پهريان آيل ڪيسز کي پهريان ڏسي رهيا آهيون، اسان اهو نه ڪنداسين ته سڀني کان هيٺيان دٻيل ڪنهن ڪيس کي مٿي کڻي اچون. هن وڌيڪ چيو ته ججز پروٽوڪول ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪيو آهي. مون سان سيڪيورٽي جون 9 گاڏيون هونديون هيون، مون چيو ريڊ زون ۾ عدالت ۽ رهائش آهي ايتري سيڪيورٽي جي ضرورت نه آهي، پنهنجي سيڪيورٽي جون گاڏيون گهٽ ڪري صرف 2 گاڏيون رکيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔