ٻوڏ تي ڪنهن جو اختيار نه آهي، برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنجاب ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي: عظميٰ بخاري
لاهور: پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پنجاب ۾ ٻوڏ صورتحال گهڻي خراب ٿي رهي آهي. ٻوڏ ڏکڻ پنجاب جي علائقن ۾ پهچي چڪي آهي برساتن سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته ٻوڏ متاثرين کي برسات ۽ پاڻي سبب پريشانيون ٿي رهيون آهن. حڪومت ايتري وڏي آفت ۾ بهترين ڪم ڪيو. ملڪي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي. وزيراعليٰ مريم نواز وڏي ريليف پيڪيج جو اعلان ڪرڻ واري آهي.
هن ٻڌايو ته ٻوڏ سبب پنجاب ۾ هينئر تائين 60 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، 4 هزار 335 ڳوٺ ۽ 42 لک ماڻهو متاثر آهن. 18 لک 581 ايڪٽر زرعي ايريا متاثر ٿيو جنهن سبب داليون، ڀاڄيون به مهانگيون ٿي ويون آهن. 21 لک ماڻهو ۽ ساڍا 15 لک چوپائي مال کي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو ويو.
هن چيو ته جن علائقن ۾ ڊينگي مڇر جون شڪايتون آهن اتي اسپري ڪرايو پيو وڃي. انتظاميه سان ماڻهو وڌ کان وڌ تعاون ڪن، جتي پاڻي گهٽ ٿيڻ شروع ٿيو آهي اتي انتظاميه جي اجازت کان سواءِ نه وڃن.
اطلاعات واري وزير چيو ته ٻوڏ جي پاڻي تي ڪنهن جو به اختيار نه آهي. پنجاب ۾ ٻوڏ صورتحال تمام گهڻي خراب ٿي رهي آهي. چئن مهينن کان نه سانوڻي جو موسم ختم ٿي رهيو آهي نه ماڻهن جون پريشانيون، ڏکڻ پنجاب جي علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي پهچي ويو آهي. برساتن به وڏي تباهي آندي آهي.
هن چيو ته خان بيلا ۽ جلالپور جي علائقن ۾ ايمرجنسي جي صورتحال هئي پر اسان جا ماڻهو ٻوڏ صورتحال کي به سنجيده نه پيا وٺن. ٻوڏ ڪا ڏسڻ يا تفريح ماڻڻ جي شيءَ نه آهي. ماڻهو سوشل ميڊيا تي وڊيوز اپ لوڊ ڪري رهيا آهن، پاڻي ۾ مستيون ڪر يرهيا آهن. هي ٻوڏ موج مستي واري شيءَ نه آهي، پاڻي جي وهڪرن ۾ تمام گهڻي تيزي آهي.
عظميٰ بخاري چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڊينگي جا به ڪيس ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. عوام کي اپيل آهي ته ڊينگي جي حوالي سان احتياطي تدبيرون اختيار ڪن. ٻوڏ وارن علائقن ۾ فيوميگيشن ٿي رهي آهي.