مورو: صدوجه ٿاڻي جي حدن ۾ قومي شاهراهه تي افسوسناڪ روڊ حادثو، ڪار ۽ ڊمپر جي ٽڪر ۾ 07 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا. ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل خان کوسو جو نوٽيس، حادثي جو ذميوار گاڏي ضبط، ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم.
تفصيل موجب: قومي شاهراهه تي ٽوٽل پارڪو ڀرسان هڪ خراب ٽرالر بيٺو هو، جنهن سبب اڳيان ويندڙ مهراڻ ڪار سست رفتاري اختيار ڪئي. انهي دوران پويان ايندڙ ڊمپر زور سان ٽڪر هڻي ڪار کي چيڀاٽي ڇڏيو. نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 07 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا، فوتين ۾ 02 مرد، 03 عورتون ۽ 02 ٻار شامل هئا. فوت ٿي ويل سمورا ضلع خيرپور جي ڳوٺ لقمان جانوري جا رهواسي آهن.
SHO صدوجه ۽ DSP مورو واقعي واري هنڌ پهتا، جڏهن ته DHO نوشهروفيروز طرفان ايمبولينسون موڪلي لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا. فوتين جي سڃاڻپ غلام محمد ولد بخشڻ جانوري، سڪونه لقمان،علي احمد جانوري ٿي آهي، جڏهن ته 03 عورتن ۽ 02 ٻارن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگھي. پوليس ڊمپر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.
ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل خان کوسو واقعي جو نوٽيس وٺندي موقعي تي موجود آفيسرن کي هدايت جاري ڪئي آهي ته حادثي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي