ناڻي واري وزارت ۽ آءِ پي پيز ۾ 450 ارب رپين جي ادائيگي جو معاهدو طئي

اسلام آباد : ناڻي واري وزارت ۽ آءِ پي پيز ۾ 450 ارب رپين جي ادائيگي جو معاهدو طئي ٿي ويو.
دستاويز موجب آءِ پي پيز پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي شروعاتي معاهدي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته حبڪو سينٽرل پاور پرچيزنگ ڪمپني سان معاهدي بابت تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا.
دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته حبڪو سميت ٻه درجن آءِ پي پيز حڪومت سان شروعاتي معاهدو ڪري ورتو آهي، جنهن تحت ناڻي واري وزارت آءِ پي پيز کي 40 سيڪڙو ادائيگي فوري طور ڪندي، جڏهن ته باقي 60 سيڪڙو ادائيگي ايندڙ مالي سال ۾ ڪئي ويندي.
دستاويز موجب معاهدي تحت ليٽ پيمينٽ سرچارج ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي ۽ معاهدي کانپوءِ شروعاتي 60 ڏينهن تائين ليٽ پيمينٽ سرچارج 2 سيڪڙو هوندو.
دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته معاهدي تحت آءِ پي پيز کي منافعي جي ادائيگي ڊالر بدران رپئي ۾ ٿيندي، جڏهن ته معاهدي جي حتمي منظوري ڪميٽي ۽ وفاقي ڪابينا کان ورتي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔