گيم آف ٿرونز جي مداحن لاءِ خوشخبري

ايڇ بي او ٽيليويزن مقبول ٽي وي ڊرامي سيريز ”گيم آف ٿرونز“ جي مداحن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ايڇ بي او سياسي ڇڪتاڻ ۽ اقتدار جي جنگ سان ڀرپور گيم آف ٿرونز جهڙي هڪ ٻي سيريز شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ايڇ بي او چيو آهي ته گيم آف ٿرونز جي پريڪوئل ”ٽيلز آف ڊنگ اينڊ ايگ“ جي ڪهاڻي تي ڪم جاري آهي.
واضح رهي ته گيم آف ٿرونز جو شمار مقبول ترين ڊراما سيريز ۾ ٿيندو آهي، جنهن جا دنيا ۾ ڪروڙين مداح آهن.
ان ڊرامي هيل تائين 47 ايمي ايوارڊ کٽيا آهن، جيڪي ڪنهن به ڊرامي طرفان کٽيل سڀ کان وڌيڪ ايوارڊ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔