ڪراچي ٽيسٽ لاءِ 17 رڪني قومي ٽيم جو اعلان

ڪراچي : ڏکڻ آفريقا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ 17 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي شروعاتي طور اعلانيل 20 رڪني اسڪواڊ مان 17 رڪني ٽيم جو اعلان ڪيو آهي.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 26 جنوري کان ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي.
پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ اعلانيل 17 رڪني قومي اسڪواڊ ۾ اوپنر عابد علي ۽ عمران بٽ، مڊل آرڊر بيٽسمين اظهر علي، ڪپتان بابر اعظم، فواد عالم ۽ سعود شڪيل، آل رائونڊر فهيم اشرف ۽ محمد نواز، وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان (نائب ڪپتان) ۽ سرفراز احمد کي شامل ڪيو ويو آهي.
پاڪستاني اسڪواڊ ۾ 3 اسپنر به رکيا ويا آهن، جن ۾ نعمان علي، ساجد خان ۽ ياسر شاهه شامل آهن، جڏهن ته فاسٽ بالنگ جي شعبي ۾ حارث رئوف، حسن علي، شاهين آفريدي ۽ تابش خان جي چونڊ ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔