عراق ۾ دهشتگردن جو حملو، يارنهن اهلڪار مارجي ويا، ڏهه زخمي

بغداد: عراق ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ رضاڪار فورس جا 11 اهلڪار مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا.عراق ۾ هڪ دفعو ٻيهر دهشتگردن ڪر کنيو آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب داعش جي حملي ۾ رضاڪار فورس حشدالشعبي جا 11 اهلڪار مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا.زخمين کي فوري طور تي ويجهين اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. دهشتگردن صوبي صلاح الدين ۾ رات جي اونداهي ۾ حشدالشعبي جي مرڪز کي نشانو بنايو هو.واضح رهي ته عراق ۾ 2 ڏينهن اڳ خودڪش حملي ۾ 32 ڄڻا مارجي ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔