ڪراچي جي شوڪت خانم اسپتال سڀ کان وڏو ۽ جديد ترين شفا مرڪز هوندو: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي جي شوڪت خانم اسپتال پاڪستان جو سڀ کان وڏو ۽ جديد ترين شفا جو مرڪز هوندو. ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان لکيو ته ڪورونا بحران دوران سستيءَ کانپوءِ ڪراچي ۾ شوڪت خانم ميموريل ٽرسٽ اسپتال جو اڏاوتي ڪم سٺي رفتار سان اڳتي وڌي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته انشاءَ الله ڪراچي جي اها شوڪت خانم سڀ کان وڏو ۽ پاڪستان جو جديد ترين شفا جو مرڪز هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔