بائيڊن انتظاميا جو طالبان سان امن معاهدي تي نظرثاني جو فيصلو

واشنگٽن: نئين آمريڪي حڪومت افغان طالبان سان گذريل سال فيبروري ۾ طئي ٿيندڙ امن معاهدي تي نظرثاني جو فيصلو ڪري ڇڏيو. آمريڪي قومي سلامتي جي ترجمان موجب واشنگٽن حڪومت ڄاڻڻ چاهي ٿي ته طالبان پنهنجي واعدن تي عمل ڪري رهيا آهن يا نه؟ قومي سلامتي جي نئين صلاحڪار جيڪ سليوان پنهنجي افغان ساٿي حمدالله محيب کي ان حوالي سان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. اطلاعن موجب بائيڊن انتظاميا اهو ڏسڻ چاهي ٿي ته ڇا طالبان دهشتگرد گروهن سان پنهنجا لاڳاپا ختم ڪري افغانستان ۾ پرتشدد ڪارروائين ۾ گهٽتائي ڪئي آهي؟ ان سان گڏوگڏ طالبان ڪابل حڪومت سان سنجيدگي سان ڳالهيون ڪيون يا نه؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔