جنگي جهازن لاءِ سهڪار پاڪستان سان دفاعي لاڳاپن ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل آهي: ترڪ صدر

استنبول: ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي هڪجهڙن چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اسٽريٽيجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ سان پاڪستان ۽ ترڪي جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
استنبول جي نيول شپ يارڊ ۾ پاڪ بحريا جي ٽئين مجلم ڪلاس جهاز جي ويلڊنگ تقريب سان خطاب ڪندي رجب طيب اردگان چيو ته جنگي جهازن جي تياري لاءِ دفاعي سهڪار ترڪي ۽ پاڪستان جي دفاعي لاڳاپن ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل آهي.
پاڪ بحريا جي ترجمان موجب مجلم ڪلاس جهاز پاڻي جي سطح، پاڻي اندر اينٽي ايئر هٿيارن ۽ سينسرز سان ليس هوندا، ٽرانسفر آف ٽيڪنالاجي معاهدي تحت چئن مان ٻه جهاز ڪراچي شپ يارڊ ۾ تيار ٿيندا، اسٽيلٿ ٽيڪنالاجي وارن ٻن جناح ڪلاس جهازن جي ڊيزائن جي تياري به ان ۾ شامل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔