فارين فنڊنگ تي هلندڙ پارٽين مٿان هميشه لاءِ پابندي لڳائي وڃي: رانا ثناءُالله

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ رانا ثناءُالله چيو آهي ته فارين فنڊنگ تي هلندڙ پارٽين تي هميشه لاءِ پابندي لڳائي وڃي.

3 سالن کان چور چور جو گوڙ ڪندڙ چور هاڻ پڪڙجي چڪا آهن. هنن جو ڏوهه قبول ڪرڻ جو پروف اليڪشن ڪميشن ۾ موجود آهي. هاڻ هنن کي سزا ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي بچيو. هڪ هڪ روپئي جو حساب ورتو ويندو. پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ رانا ثناءُالله لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سليڪٽيڊ ٽولي جي خلاف جلد عدالتن ۾ ڪيس هلندا.

هاڻ چورن جي حساب جو ڏهاڙو اچي چڪو آهي. اسرائيلي ۽  ڀارتي لابي کان پئسا وٺي هتي لڳايو ويو. رانا ثناءُالله چيو ته اي اين ايف ۾ منهنجي ڪيس کي پوڻا 2 سال لڳي ويا. جعلي ۽ ڪوڙو ڪيس سياسي انتقام تي ٺاهيو ويو.

وزيراعظم جي حڪم تي منهنجي خلاف هي ڪيس ٺاهيو ويو. اڃان تائين ڪيس جون  ڪاپيون به ناهن ڏنيون ويون. سمورا جعلي ڪيس صرف هڪ حڪم سان ختم ٿي ويندا. اهو وقت اچڻ وارو آهي جڏهن هي سمورا ڪيس ختم ٿي ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔