ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برفباري کان پوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي

اسلام آباد: ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري سبب موسم وڌيڪ ٿڌو ٿي ويو آهي. آزاد ڪشمير جي اترين ضلعن مظفر آباد، وادي نيلم، بٽيان بالا، پونڇ، حويلي، پلندري ۽ باغ ۾ برسات ۽ برفباري پئي.

مظفر آباد، ليپه، ريٽيان ۾ وڌيڪ برفباري پوڻ سبب روڊ به بند ٿي ويا آهن جڏهن ته چلاس، مٿانهين علائقن ۾ وقفي وقفي سان برفباري جو سلسلو جاري آهي. ديامر، بابوسرٽاپ، نانگا پربت، بنوگاهه ٽاپ ۾ سخت برفباري پئي. جڏهن ته ملڪه ڪوهسار مري ۾ به برفباري سبب سيءَ ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ به برسات پئي آهي جنهن سبب موسم هڪ دفعو بيهر ٿڌو ٿي ويو آهي. ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ مٿانهين خيبرپختونخواهه ۾ وڌيڪ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي موجب مٿانهين خيبرپختونخواهه، ۾ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. جڏهن ته پوٽوهار ۾ موسم جهڙالو رهندو.

موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾  موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهندو جڏهن ته پنجاب جي ڪجهه ميداني علائقن ۽ مٿانهين سنڌ ۾ ڪوهيڙو رهڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔