اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ کان پوءِ فارين فنڊنگ ڪيس جي کليل ٻڌڻي ٿيندي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد: فارين فنڊنگ ڪيس جي کليل ٻڌڻي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن هڪ دفعو ٻيهر وضاحت ڪري ڇڏي آهي.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب فارين فنڊنگ ڪيس جي کليل ٻڌڻي جي باري ۾ اليڪشن ڪميشن جو اڳ ئي بيان جاري ڪيو ويو آهي. پر فارين فنڊنگ ڪيس جي کليل ٻڌڻي جي  حوالي سان تضاد محسوس ڪيو پيو وڃي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان وڌيڪ چيو ته اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ پيش ٿيڻ کان پوءِ ڪميشن ۾ هن  ڪيس جي کليل ٻڌڻي ٿيندي.

اسڪروٽني ڪميٽي جو اجلاس ڌرين جي موجودگي ۾ هوندو آهي ۽ ڪميٽي جي کليل ٻڌڻي نه ٿيندي. ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن بيان ۾ چيو ته ڪميشن ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڌرين جي سامهون ٿي رهي آهي. اسڪروٽني ڪميٽي جا اختيار يا عهدو هڪ جي آءِ ٽي جو آهي ان جي ڪارروائي عوامي سطح تي نٿي ٿي سگهي.

اليڪشن ڪميشن کليل ٻڌڻي ۾ اسڪروٽني ڪميٽي جون سفارشون ٻنهي پارٽين کي مهيا ڪندو ۽ ٻنهي طرفن کان بحث ٻڌڻ کان پوءِ ڪيس جو جلد ميرٽ تي فيصلو ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔