غربت ۽ بيروزگاري جي ور چڙهيل عوام کي مهانگي جي طوفان ڌوڏي ڇڏيو

اسلام آباد :غربت ۽ بيروزگاري جي ور چڙهيل عوام کي مهانگي جي طوفان ڌوڏي ڇڏيو، گيهه، ڪوڪنگ آئل، بصر، دالين ۽ گوشت سوڌو عام واهپي جون 19 شيون مهانگيون ٿي ويون، هڪ هفتي ۾ گيهه جي في ڪلو اگهه ۾ 6 رُپيا 34 پئسا، ڪڪڙ جي گوشت ۾ في ڪلو 8 رُپيا 44 پئسا اضافو، هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ ڏهائي 32 سيڪڙو اضافو، شماريات کاتي جو چوڻ آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل سوڌو عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔