جي ڊي اي اڳواڻ ارباب رحيم عمرڪوٽ ۾ ننڍي چونڊ دوران شڪست جو ذميوار وزيراعظم کي قرارڏئي ڇڏيو

عمرڪوٽ: عمران خان صاحب! توهان پنهنجي ماڻهن کي تحفظ نٿا ڏئي سگهو ته اليڪشن ۾ ڇو بيهاريو ٿا؟ ماڻهو پنهنجي بي عزتي ڪرائڻ لاءِ اليڪشن نه وڙهندا آهن، اڳوڻي وڏي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ ارباب رحيم عمرڪوٽ ۾ ننڍي چونڊ دوران شڪست جو ذميوار وزيراعظم کي قرار ڏئي ڇڏيو، ارباب رحيم پي ٽي آءِ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت وڏي شئي هوندي آهي، پهريون ڀيرو صوبائي حڪومت آڏو وفاقي سرڪار ڪمزور نظر آئي، اڍائي سالن کان پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏئي رهيا آهيون، پر اسان جي ڪير به نٿو ٻُڌي، عمرڪوٽ ۾ ڪارڪنن کي خطاب دوران ارباب رحيم گورنر عمران اسماعيل تي تنقيد ڪندي چيو ته اسان جو گورنر ته ڪو ڪم ئي نٿو ڪري، گورنر سان رابطو ڪريون ٿا ته چوي ٿو پهرين امان کان پُڇي اچان، جيستائين توهان امان کان پڇي اچو، تيستائين ماڻهن جو ته ٻيڙو ٻڏي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔