ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا جا وارجاري، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 43 ماڻهو فوت

اسلام آباد: ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا جا وار جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 43 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 19 سئو 27 نوان ڪيس سامهون اچي ويا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 42 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 11 هزار 247 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 40 هزار 403 ماڻهن جي ڪورونا ٽيسٽ ڪئي وئي، هن وقت فعال ڪيسن جو انگ 35 هزار 63 آهي، جڏهن ته ڪل متاثرن جو انگ 5 لک 30 هزار 818 ٿي ويو. اين سي او سي موجب ڪورونا سبب فوت ٿيلن مان رڳو 20 ماڻهو سنڌ ۾ فوت ٿيا آهن ۽ پنجاب ۾ 14 ڄڻن دم ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔