براڊ شيٽ جو هر صفحو سياسي لُٽيرن جي ڪرپشن آهي: فردوس عاشق اڳواڻ

لاهور : پنجاب جي وڏي وزير جي خصوصي معاون فردوس عاشق اڳواڻ چيو آهي ته براڊ شيٽ جو هر صفحو سياسي لُٽيرن جي ڪرپشن آهي، ن ليگ ڪرپشن ريس ۾ سڀ کان اڳتي آهي. سماجي ويب سائيٽ تي ٽويٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پي ڊي ايم جون باقي جماعتون به ڪنهن کان گهٽ نه آهن، اهي سياستدان به ڪرپشن جي خلاف ڀاشن ڏئي رهيا آهن جيڪي نَڪو نَڪ ڪرپشن ۾ ٻڏل آهن، هي سياسي ٽُڪرا جنهن ٿالي ۾ کائيندا آهن انهي ۾ ئي سوراخ ڪندا آهن.هن چيو آهي ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ڪرپشن ڪرڻ کانپوءِ هڪ ٻئي تي الزام هڻندا رهيا، پوءِ گرگٽ جيان رنگ مٽائي ٻئي جماعتون هڪ ٻئي جي پرده پوشي ڪندا رهيا.فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪپتان براڊ شيٽ جون حقيقتون عوام جي سامهون آڻي جرات جو فيصلو ڪيو، اسان کي ڪنهن به ڳالهه جو خوف نه آهي، اسان جا هٿ صاف آهن، پي ڊي ايم وڌيڪ رسوائي جي لاءِ تيار رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔