لاهورجي احتساب عدالت خواجا آصف کي 14 ڏينهن لاءِ عدالتي ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو

لاهور : لاهور جي احتساب عدالت خواجا آصف کي 14 ڏينهن لاءِ عدالتي ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. احتساب عدالت جي جج جواد الحسن ليگي اڳواڻ خواجا اصف جي جسماني ريمانڊ تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته رانا عبدالوحيد نالي شخص 3 ڪروڙ روپيا خواجا آصف جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا ۽ عبدالوحيد چيو هو ته خواجا آصف کان رقم وٺي ان جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي. معزز جج جواد الحسن چيو ته خواجا صاحب توهان نيب کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڳالهه کي ختم ڪيو، جنهن تي خواجا آصف چيو ته سر مان هنن کي ٻڌائي چڪو آهيان ته مان ڪنهن کي ڪا به رقم نه ڏني.ان موقعي تي نيب طرفان ليگي اڳواڻ جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي وئي جيڪا عدالت رد ڪندي خواجا آصف کي عدالتي ريمانڊ تي 14 ڏينهن لاءِ جيل موڪلي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔