بختاور جي شادي جي تاريخ جو باضابطا اعلان ، تقريبن جو شيڊول به جاري

ڪراچي: بلاول هائوس جي ترجمان اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري جي شادي جي تاريخ جو باضابطا اعلان ڪندي تقريبن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي .

بلاول هائوس جي ترجمان موجب بلاول هائوس ڪراچي ۾ 24 جنوري تي ميلاد جي محفل ٿيندي ، ميندي جي سادي تقريب 27 جنوري تي ٿيندي ۽ 29 جنوري تي نڪاح جي تقريب ٿيندي جڏهن ته بختاور جي ڄڃ 30 جنوري تي ايندي .

ترجمان ٻڌايو ته بختاور جي شادي ۾ هڪ هزار مهمانن کي گهرايو ويو آهي جنهن ۾ ملڪ جا اهم سياسي اڳواڻ ، فوجي ، سول ، ۽ جڊيِشل اڳواڻ به هن تقريب ۾ شريڪ ٿيندا .

ترجمان ٻڌايو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ڀيڻ جي شادي جي لاءِ هڪ هفتي لاءِ پنهنجون سرگرميون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔