اوهان وٽ انٽري ٽيسٽ وٺڻ جي صلاحيت ئي ناهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران پي ايم سي مٿان ڪاوڙ

ڪراچي: توهان وٽ انٽري ٽيسٽ وٺڻ جي صلاحيت ئي نه آهي، ٽيسٽ ۾ ايتري گڙٻڙ ڪئي اٿئو، بلنڊرز ڪرڻ کانپوءِ چئو ٿا ته شاگرد اسلام آباد وڃن، توهان شاگردن جو مستقبل تباهه ڪري ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان پي ايم سي مٿان ڪاوڙ جو اظهار، ميڊيڪل ادارن ۾ داخلا لاءِ ٿيل انٽري ٽيسٽ ۾ بي ضابطگين واري ڪيس تي ٻڌڻي دوران پي ايم سي جي وڪيل طرفان سوالنامي ۾ 14 سوال آئوٽ آف سليبس هجڻ جو اعتراف، وڪيل جو چوڻ هو ته انٽرنيٽ تي غلط لسٽ اپلوڊ ٿي وئي هئي، جيڪا درخواستگذار شاگرد وٽ آهي، جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏيندي چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو سڀني کي 14 مارڪس ڏنيون ويون آهن، جيڪڏهن اهي مارڪس سنڌ سرڪار ڏئي ها ته خبر ناهي سڄي ملڪ ۾ ڇا ٿئي ها، عدالت ٽن ڏينهن اندر شاگردن جو رڪارڊ اسلام آباد مان گهرائي نتيجن جي تصديق ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔