فيصل آباد ۾ اهلڪارن معمولي ڳالهه تان نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، لاڪ اپ

فيصل آباد: فيصل آباد ۾ پوليس اهلڪارن معمولي ڳالهه تان انسانيت جا ليڪا لتاڙي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، شروعاتي جاچ رپورٽ موجب نوجوان وقاص احمد جي ڪار جو ٽائر اي ايس آءِ جي پير تي چڙهي ويو، اهلڪارن بندوقون سڌيون ڪيون ته نوجوان خوف ۾ اچي گاڏي ڀڄائي، جنهن بعد پوليس پيڇو ڪندي ڪار کي روڪيو، اهلڪارن نوجوان کي ڪار مان لاهي قتل ڪري ڇڏيو، جاچ رپورٽ بعد 4 پوليس اهلڪار گرفتار، نوجوان جو قتل ڪيس داخل، پنجاب جي وڏي وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پنجاب کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، عثمان بزدار چيو آهي ته قانون ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪابه اجازت نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔