سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مونيڪا لاڙڪ جي ڪيس بابت اڳڀرائي رپورٽ پيش

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صدر جي ڀٽيون ۾ زيادتي بعد قتل ٿيل مونيڪا لاڙڪ جي ڪيس بابت اڳڀرائي رپورٽ پيش، چيف جسٽس طرفان ورتل پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ مشتاق مهر، ڊي آءِ جي سکر فدا مستوئي ۽ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي پيش ٿيا، رپورٽ ۾ پوليس چيو آهي ته مونيڪا لاڙڪ جي ڪيس ۾ ملوث جوابدار عبدالله ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ساٿين جا نالا ٻڌايا هئا، جوابدار جي ساٿين کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، عدالت پوليس جي رپورٽ پيش ٿيڻ بعد مونيڪا لاڙڪ ڪيس بابت ورتل پاڻمرادو نوٽيس اُڪلائي ڇڏيو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔