آغا سراج دراني جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست تي نوٽيس جاري

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ضمانت رد ڪرڻ واري نيب جي درخواست تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دُراني کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت 8 شريڪ جوابدارن کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جڙيل 3 رُڪني بئنچ جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪرڻ بعد ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، نيب طرفان آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ آغا سراج دُراني جي ضمانت خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔