سينيٽ سميت هر فورم تي وينداسين، استعيفائون آخري آپشن هوندو: يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد: اڳوڻي وزير اعظم ۽ پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسان سينيٽ سميت هر فورم تي وينداسين، استعيفائون آخري آپشن هوندو.اسلام آباد ۾ توشاخانه ڪيس جي ٻڌڻي دوران احتساب عدالت ٻاهران ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته پي ڊي ايم جا سمورا فيصلا اتفاق راءِ سان ڪيا ويندا آهن.هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاج جو فيصلو به اتفاق سان ڪيو ويو هو.اڳوڻي وزير اعظم چيو ته پي ڊي ايم کي ڪنهن به فورم تي اڪيلو نه ڇڏينداسين.هن چيو ته پي ٽي آءِ فنڊنگ ڪيس ڪافي عرصي کان التوا جو شڪار هو، منهنجي خلاف به ڪيس آهن،مان هر حاضري تي پيش ٿيندو آهيان.اڳوڻي وزير اعظم چيو ته پي ڊي ايم جو اتفاق سان فيصلو آيو ته پارليامينٽ ۽ پارليامينٽ کان ٻاهر هر فورم جو استعمال ڪيو ويندو،جمهوري ۽ اقتصادي حقن لاءِ عوام کي متحد ڪري رهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔