ڪراچي لاءِ 11 سئو ارب جو اعلان ٿيو پر خبرناهي ته پئسا ڪيڏانهن ويا: سراج الحق

ڪراچي: جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ملڪ تي مفاد پرست ٽولي جو قبضو آهي، ڪراچي لاءِ 11 سئو ارب جو اعلان ڪيو ويو پر خبرناهي ته پيسا ڪيڏانهن ويا، وڪيل برادري کي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ملڪي مسئلن جو حل اسلامي نظام ۾ ئي آهي . ڪراچي بار کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته ملڪ تي مفاد پرست ۽ انگريزن جا بوٽ پالش ڪندڙن جو قبضو آهي، عوام جي ڪنهن کي به ڪا ڳڻتي ناهي.سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن چوٽ چڙهيل آهي غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهي، حيدرآباد ۾ ته پيئڻ جو پاڻي به ڪونهي.سراج الحق چيو ته ڪراچي لاءِ 11 سئو ارب جو اعلان ڪيو ويو پر خبرناهي ته پيسا ڪيڏانهن ويا، وڪيل برادري کي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.جماعت اسلامي جي امير ملڪي مسئلن جو حل اسلامي نظام ۾ ئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔