پي ڊي ايم استعيفائن کانپوءِ لانگ مارچ جو فيصلو به ملتوي ڪري ڇڏيو: ذريعا

اسلام آباد: پي ڊي ايم استعيفائن کانپوءِ لانگ مارچ جو فيصلو به ملتوي ڪري ڇڏيو آهي،لانگ مارچ، مارچ جي آخري هفتي ۾ ٿيندو.ذريعن مطابق پي ڊي ايم اڳواڻن ۾ لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. ذريعن ٻڌايو ته فيبروري ۾ سيءَ وڌيڪ هوندو آهي،انڪري ڪارڪن ڏکيائن کي منهن ڏئي سگهن ٿا.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پي ڊي ايم سينيٽ چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهري ٿو.واضح رهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت کي الٽي ميٽم ڏنو هو ته اها 31 جنوري تائين استعيفا ڏئي ڇڏي، ٻي صورت ۾ پهرين فيبروري تي لانگ مارچ جو اعلان ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔