ٽيهن سالن کان وڌيڪ وقت تائين پيرن جا ننهن نه ڪٽيندڙ آمريڪي عورت

نيويارڪ: سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ماڻهن کي عجيب وغريب شوق هوندا آهن جيڪي انهن کي ٻين کان مختلف بنائيندا آهن ۽ اڄ اسان اوهان کي هڪ اهڙي عورت جي باري ۾ ٻڌائينداسين جنهن جي نرالن شوقن کيس پوري دنيا ۾ مشهور ڪري ڇڏيو آهي.آمريڪا سان تعلق رکندڙ لوئس هولس کي ننهن وڌائڻ جو ايترو شوق ٿيو جو سندس نالو دنيا جي سڀني کان وڏا ننهن رکندڙ عورتن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. لوئس هولس 1982ع کان پنهنجي پيرن جا ننهن وڌائڻ شروع ڪيا هئا ۽ تڏهن کان وٺي هن پنهنجي پيرن جا ننهن ناهن ڪٽيا.1991ع ۾ جڏهن آمريڪي عورت جي ٻنهي پيرن جي ننهن جي ڊگهائي جي پيمائش ڪئي وئي ته ٽوٽل ملائي 220.8 سينٽي ميٽر بڻجيا. پيرن جا ننهن ايترا ڊگها هجڻ سبب امريڪي عورت تمام گهٽ جوتا پائيندي آهي.۽ جيڪڏهن هو جوتا پائيندي به آهي ته اهي اڳيان کليل هوندا آهن ۽ جوتي جو(سول) 3 انچن جي ويجهو هوندو آهي ته جيئن سندس ننهن ٽٽڻ کان بچي سگهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔