براڊ شيٽ معاملي هڪ ڀيرو ٻيهر بنارسي ٺڳن کي وائکو ڪري ڇڏيو: شبلي فراز

اسلام آباد: وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته براڊ شيٽ معاملي هڪ ڀيرو ٻيهر بنارسي ٺڳن کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي.جاري ڪيل بيان ۾ شبلي فراز چيو ته هي ڪيس ياد ڏياري ٿو ته ڪهڙي ريت ذاتي مفاد جي خاطر ملڪي مفاد جو سودو ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته قومي خزاني کي بيدردي سان لٽيندڙن کي حساب ڏيڻو پوندو.شبلي فراز چيو ته ماضي ۾ انهن ڪرپٽ ماڻهن کي اين آر او نه ملي ها ته ملڪ جو ايترو نقصان نه ٿئي ها.واضح رهي ته براڊ شيٽ جو معاملو نئون موڙ اختيار ڪري رهيو آهي.حڪومت توڙي مخالف ڌر هڪٻئي تي الزام مڙهي رهيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔