اليڪشن ڪميشن پاران نااهلي درخواستن تي فيصل واوڊا کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ آخري موقعو فراهم

اسلام آباد: نااهلي وارين درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير فيصل واوڊا کي جواب جمع ڪرائڻ جو آخري موقعو ڏيندي، ٻڌڻي 9 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته ڪميشن آزاد آهي ۽ ميرٽ جي بنياد تي فيصلو ڪندي.ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر پڇيو ته ڇا نامزدگي جا ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت فيصل واوڊا آمريڪي شهريت هئي يا نه؟. فيصل واوڊا جي وڪيل چيو ته نامزدگي جا ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت سندس موڪل آمريڪي شهري نه هو.چيف اليڪشن ڪمشنر پڇيو ته فيصل واوڊا شهريت ڪڏهن ڇڏي؟ ان تي وڪيل چيو ته هو پنهنجي اصيل کان پڇي ٻڌائيندو.چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن آمريڪي سفارتخاني کان به تفصيل گهري سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔