ڪير ڪيڏو به بااثر هجي، اليڪشن ڪميشن تي اثر نه پوندو: اليڪشن ڪميشن

ڪراچي: ڪير ڪيڏو به بااثر هجي، اليڪشن ڪميشن تي اثر نه پوندو، توهان دير جا هربا ڇو استعمال ڪري رهيا آهيو، توهان جي اهڙن ڪمن جي ڪري اسان کي ٻڌڻو پوندو آهي، اليڪشن ڪميشن طرفان فيصل واوڊا جي نااهلي لاءِ درخواستن تي ٻڌڻي دوران وفاقي وزير جي وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار، ٻڌڻي دوران فيصل واوڊا جي وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن جي به دٻاءُ ۾ نه ايندي، فيصل واوڊا جي وڪيل هڪ ڀيرو ٻيهر نااهلي جي درخواستن تي اعتراض واري ڇڏيا، ٻڌڻي دوران فيصل واوڊا جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن وٽ نااهلي جون درخواستون ٻڌڻ جو اختيار نه آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به نااهلي جي درخوست داخل ٿيل آهي، ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن گوشوارن ۽ فنڊز بابت ڪيس ۾ پارليامينٽ ۾ موجود سمورين پارٽين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، سياسي پارٽين کي 24 فيبروري تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم،  چيف اليڪشن ڪمشنر جِي سربراهي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دروان سياسي جماعتن جي گوشوارن جي ڇنڊ ڇاڻ بابت پوليٽيڪل فنانس ونگ پاران رپورٽ پيش، اليڪشن ڪميشن 19 سياسي پارٽين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔