فارين فنڊنگ جا پئساعمران خان جي بني گالا ۽ زمان پارڪ تي خرچ ڪيا ويا: مريم اورنگزيب

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي فارين فنڊنگ جا پئسا عمران خان جي زمان پارڪ ۽ بني گالا  واري رهائشگاهن تي استعمال ٿيا.

مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اڄ شهباز شريف کي ٻيهر نيب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. حڪومتي ترجمان ڪاغذ کڻي الزام لڳائيندا آهن. شريف فيملي ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻن مٿان هينئر تائين صرف الزام ئي لڳندا رهيا آهن. اڍائي سال گذري ويا هڪ ٽڪي جي به ڪرپشن ثابت ناهي ٿي سگهي. هن چيو ته هي ماڻهو قومي ناڻي مان ڪميشن کائيندي پڪڙيا ويا آهن هي هاڻ پنهنجي خلاف ملندڙ ثبوت مٽائي رهيا آهن هنن مٿان آڱريون کڄن ٿيون ته هنن جون رڙيون نڪري ٿيون وڃن.

مريم اورنگزيب پاڪستان تحريڪ انصاف کي تنقيد جو نشانو بنائيندي وڌيڪ چيو ته هنن پارٽي جي نالي تي ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ ڪرائي.. شوڪت خانم ۽ نمل يونيورسٽي جي نالي تي عطيات به غلط استعمال ڪيا ويا. هن وڌيڪ چيو ته فارين فنڊنگ جا پئسا زمان پارڪ ۽ بني گالا جي رهائشگاهن تي خرچ ٿيا، پر وزيراعظم عمران خان هر الزام تي هڪ ئي جواب ڏيندو آهي ته مون کي ڪابه خبر ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔