مني لانڊرنگ ريفرنس: شهباز شريف ۽ حمزه احتساب عدالت ۾ پيش، ٻڌڻي 25 جنوري تائين ملتوي

لاهور: مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيش، سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا.

احتساب عدالت ۾ مني لانڊرنگ ڪيس تي شهباز شريف ۽ ٻين جي خلاف ٻڌڻي ٿي. شهباز شريف هڪ دفعو ٻيهر روسٽرم تي اچي ويو، فاضل جج شهباز شريف کان سوال ڪيو ته اوهان ڪجهه چوڻ چاهيو ٿا، جنهن تي ليگي اڳواڻ چيو ته ميڊيڪل بورڊ ميڊيڪل رپورٽون ناهن ڏنيون، جيل وارن ٻڌايو ته اهي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيون آهن.

ان تي فاضل جج جواب ڏنو ته هن درخواست تي اڄ ئي فيصلو ڪري ڇڏينداسين. اپوزيشن اڳواڻ چيو ته گذريل ٻڌڻي تي لاهور ۾ ويسٽ مينجمينٽ ڪمپني سميت ڪنهن به اداري منهنجي ڳالهين جي ترديد ناهي ڪئي. منهنجي خلاف لنڊن مان خبر ڇپرائي وئي جنهن خبر ڇپرائي ان جو نالو نه وٺندس.

پنجاب ۾ برطانيه جي حڪومت سان ملي 5 ارب روپين جا مختلف پروگرام شروع ڪيا. شهباز شريف چيو ته ڊيلي ميل جڏهن خبر شايع ڪئي ته برطانيه جي حڪومت آچر جي ڏينهن آفيس کولي جاچ ڪئي. برطانيه ۾ آچر جي موڪل اهم هوندي آهي پر ان ڏينهن به آفيس کولي جاچ ڪئي وئي پر منهنجي خلاف ڪرپشن ثابت ناهي ٿي.

ڊيلي ميل ۾ خبر شايع ڪري پاڪستان کي بدنام ڪيو ويو، منهنجي هر منصوبي ۾ پئسن جي بچت ملندي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته نيب مني لانڊرنگ ڪيس ۾ الٽو به ٿي وڃي تڏهن به قيامت تائين منهنجي خلاف هڪ ٽڪي جي ڪرپشن ثابت نٿو ڪري سگهي.جنهن کان پوءِ عدالت نيب جي 2 گواهن جي بيانن تي وڪيلن کي جرح جي لاءِ طلب ڪندي ٻڌڻي 25 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔