وزيراعظم طرفان وزيرستان ۾ اڄ کان انٽرنيٽ ٿري جي ۽ فور جي سهولت کولڻ جو اعلان

وانا : وزيراعظم طرفان وزيرستان ۾ اڄ کان انٽرنيٽ ٿري جي ۽ فور جي سهولت کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڏکڻ وزيرستان جي علائقي وانا ۾ ڪامياب جوان پروگرام کي خطاب دوران وزيراعظم چيو آهي ته آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ڳالهين بعد دهشتگردن طرفان امڪاني طور ٿري جي ۽ فوري جي استعمال ڪرڻ واري معامري جو جائزو وٺنداسين، ڏکڻ وزيرستان ۾ اسڪولز، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز به کولينداسين، حڪومت وزيرستان ۾ زيتون جو انقلاب آڻيندي، جنهن بعد اسان زيتون جو تيل ايڪسپورٽ ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔