پي ڊي ايم جَي ڪري 7 سالن کانپوءِ فارن فنڊنگ ڪيس کولڻو پيو آهي: مريم نواز

لاهور: پي ڊي ايم جَي ڪري 7 سالن کانپوءِ فارن فنڊنگ ڪيس کولڻو پيو آهي، جڏهن ڌرڻن تي پيسا پاڻي جيان هاريا پيا وڃن، ڇا اُن وقت عمران خان کي خبر نه هئي ته پيسا ايجنٽس ذريعي اچي رهيا آهن؟ مريم نواز اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج کي خطاب ڪندي چيو آهي ته، عمران خان فارن فنڊنگ ڪيس ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي ۽ اعتراف ڪرڻ تي سزا ملندي آهي، 2018ع جِي چونڊن دوران آر ٽي ايس بند ٿي ويو هو ته اليڪشن ڪميشن خاموش ڇو هو؟ هن وقت ملڪ جَي هر مسئلي جو ذميوار اليڪشن ڪميشن کي به سمجهون ٿا، اِي سي پي جِي خاموشي ۽ ناڪامي جِي سزا عوام ڀوڳَي رهيو آهي، مريم نواز چيو ته براڊشيٽ اسڪينڊل کي عوام “فراڊ شيٽ” اسڪينڊل قرار ڏئي ٿو، مريم نواز وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته پاڪستان تبديل ٿي رهيو آهي، اوهان جيترو به زور لڳايو عوام کان کٽَي نه ٿا سگهو…………

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔