وزيراعظم جي شڪايت تي بني گاله ٿاڻي جو سمورو عملو بدلي

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي شڪايت تي بني گاله ٿاڻي جي سموري عملي کي سواءِ ايس ايڇ او جي بدلي ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي آفيس پاران ٻن ڌار ڌار نوٽيفڪيشنز ۾ درجن کان وڌيڪ ٿاڻي جي عملي کي بدلي ڪيو ويو، جن ۾ سپاهي، هيڊڪانسٽيبل، اي ايس آءِ ۽ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر شامل آهن. ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نئين آءِ جي اسلام آباد جميل الرحمان جي وزير اعظم سان ملاقات ٿي. وزير اعظم کيس ٻڌايو ته ٿاڻي جي عملي هڪ ٽرڪ ڊرائيور کان رشوت ورتي. بعد ۾ ترڪ ڊرائيور جو پتو لڳائي کيس ٿاڻي جي عملي جي سڃاڻپ لاءِ چيو ويو پر ٽرڪ ڊرائيور سندن سڃاڻپ ڪرڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو. ٻئي ڏينهن آءِ جي پوليس بني گاله ٿاڻي جي سموري عملي کي بدلي ڪري ڇڏيو. اسلام آباد پوليس جي ايس پي محمد بلال ٿاڻي جي عملي جي بدلي جي تصديق ڪندي چيو ته عملي خلاف ڀتي ۽ رشوت جون ڪيتريون ئي شڪايتون هيون، جن تي کين بدلي ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔