سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ واري آپريشن ۾ سستي تي ڪاوڙ

سکر: سکر ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ واري آپريشن جي نگراني ڪير ڪري رهيو آهي؟، آپريشن بابت رپورٽ ۾ تصويرون ۽ فوٽيجز ڇو ناهن، ڪارروائي ۾ جڊيشل آفيسر کي به شامل ناهي ڪيو ويو: سنڌ هاءِ ڪورٽ جا سکر ۾ آپريشن بابت ڪيس ۾ ريمارڪس، ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته سکر ۾ 6 مهينن اندر قبضا ختم ٿي ويندا، عدالت حڪم ڏئي ته جڊيشل آفيسر کي به آپريشن ۾ شامل ڪيو ويندو، عدالت درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، اڄ ئي فيصلو ٻڌائڻ جو امڪان آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔