اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي ٽن سينيٽرز سوڌو 154 اسيمبلي ميمبرز جي رڪنيت معطل

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي ٽن سينيٽرز سوڌو 154 اسيمبلي ميمبرز جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي. پنجاب اسيمبلي جي 52، سنڌ اسيمبلي جي 19، ڪي پي جي 26 ۽ بلوچستان جي 6 ميمبرز جي رڪنيت معطل ڪئي وئي. رڪنيت معطل ٿيلن ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري، علي زيدي، فهميده مرزا، خالد مقبول صديقي، سردار يار محمد رند ۽ ٻيا شامل آهن. شيخ روحيل اصغر، سردار اويس لغاري، حسنين مرزا، تيمور ٽالپر، شوڪت يوسفزئي ۽ ڪامران بنگش جي به رڪنيت معطل ڪئي وئي آهي. چوڌري نثار، عمر تنوير بٽ، ملڪ احمد خان، حامد يار هراج، محسن داوڙ ۽ ٻين جي به رڪنيت معطل ڪئي وئي، معطل ڪيل ميمبرز قانون سازي ۾ حصو نه وٺي سگهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔