ڪراچي جي عدالت نبيل گبول کي فائرنگ ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو

ڪراچي: عدالت، پ پ اڳواڻ نبيل گبول کي فائرنگ ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو، ڪيس جي ٻڌڻي بيرسٽر عطا کوسا ٻڌايو ته نبيل گبول ۽ درخواستگذار ڌُر ۾ ٺاهه ٿي چڪو آهي، جوابدار جي بريت بابت درخواست تي ڪو اعتراض ناهي، وڪيلن جي دليلن بعد عدالت نبيل گبول کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نبيل گبول خلاف فشر مين ڪوآپريٽو سوسائيٽي جي گهر تي فائرنگ ۽ ڀڄ ڊاهه جو ڪيس داخل هو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔