چانهه واري دعوت وزيراعظم جي کاڌي واري دعوت جيان ڏسون ٿا: بلاول ڀٽو زرداري

سکر: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ مزدورن جي حقن جي بياد 73 جي آئين تحت ڏياريا، عمران خان هڪ ڪروڙ گهر ڏيڻ جو اعلان ڪيو اسان سمجهو پ پ جو نعرو چورايو آهي هن پر خبر وئي اهي گهر مزدورن ۽ غريبن جا گهر ناهن هي اميرن جا گهر آهن، سکر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته گهرن جي گهرن جون ڇتون کسيون پيون وڃن، سازش تحت حددخلين جي نالن تي ماڻهن کي بي گهر ڪيو پيو وڃي۔ سکر توڙي لاڙڪاڻي ۾ ڪئنالن وٽان غريبن کي بي گهر ڪيو ويو آهي، شهيد ذالفقار ڀٽو پينشن ۽ حقن جو مزدورن لاء قدم کنيو جنهن کي اسان وڌايون ٿا ۽ مزدور ڪارڊ ذريعي انهن کي سهولت ڏيون، اسان چاهيون ٿا مزدور پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائڻ، گهرن، رڪشائن سميت سڀني مزدورن کي رجسٽرڊ ڪري حق ڏياريا ويندا، جيسيتائين مزدورن کي حق، پريشانيون ختم نه ڪنداسين تيسيتائين صنعت ۽ معيشت نه هلي سگهندي، تيسيتائين غريب، مزدور دشمن حڪومت کي ختم نه ڪنداسين تيسيتائين مزدورن کي حق نه ملندا، عمران خان جي حڪومت کي هٽائي عوامي حڪومت آندي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔