ليجنڊ ڀارتي گلوڪاره تي تنقيد کان پوءِ عدنان سميع به لتا جي دفاع ۾ سامهون اچي ويو

ممبئي: گلوڪار عدنان سميع لتا منگيشڪر تي تنقيد ڪندڙ ڀارتي مداح تي ڪاوڙجي پيو.رپورٽ موجب گذريل ڏينهن ڀارتي مداح طرفان سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي ڀارت جي مشهور ترين گلوڪاره لتا منگيشڪر تي تنقيد ڪندي چيو هوته ڀارتين جي ذهن سازي ڪئي وئي آهي ته لتا منگيشڪر جي آواز سٺي آهي. ٽوئٽر صارفين جا ٽوئٽ سامهون ايندي ئي صارف جي حمايت ۽ ان جي خلاف تبصرن جي شروعات ٿي اتي گلوڪار عدنان سميع به لتا منگيشڪر جي حمايت ۾ ميدان ۾ اچي ويو.عدنان سميع صارف تي سخت تنقيد ڪندي ٽوئٽ ڪيو ته(ڀولڙو ڇا ڄاڻي ادرڪ جو سواد) عدنان سميع وڌيڪ لکيو آهي ته پنهنجو وات کوليو وڃي ته بيوقوف نظر اچڻ جا سمورا شڪ ختم ٿي ويندا ان کان بهتر آهي خاموش رهيو وڃي. پر صارفين طرفان لتا منگيشڪر تي تنقيد سان ڀريل ٽوئٽس جو سلسلو جاري آهي.هڪ ٽوئٽ ۾ ڪاويي نالي صارف طرفان ٽوئٽر تي لتا منگيشڪر تي ڪيل تنقيد جي ٽرينڊ جو اسڪرين شارٽ به شيئر ڪيو ويو. صارف جو چوڻ هو ته مون کي خوشي آهي ته هن امرائوجان گيت ناهي ڳايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔