اتر ڪوريا دنيا جو سڀني کان وڌيڪ طاقتور هٿيار سامهون آڻي ڇڏيو

پيونگ يانگ: اتر ڪوريا پنهنجي نئين بليستڪ ميزائل جي رونمائي ڪئي آهي جنهن کي هو دنيا جو سڀني کان وڌيڪ طاقتور هٿيار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب اتر ڪوريا ۾ خميس جي رات پيرڊ جو بندوبست ڪيو ويو. جنهن ۾ هنن سب ميرين مان فائر ڪيل پنهنجي نئين بيلسٽڪ ميزائل جي رونمائي ڪئي. ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي اقتصادي پاليسين ۾ ناڪامي جو اعتراف ڪيو پر هو ملڪ جي فوجي طاقت ۾ برتري جي لاءِ به پرعزم آهي.ميڊيا رپورٽن موجب پريڊ ۾ اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ به شرڪت ڪئي ۽ هو ميزائل جي رونمائي جي موقعي تي انتهائي خوش نظر اچي رهيو هو. اتر ڪوريا جي مقامي ميڊيا طرفان هن کي دنيا جو سڀني کان وڌيڪ طاقتور هٿيار قرار ڏنو ويو آهي. اتر ڪوريا جي مقامي ميڊيا جو ميزائل جي حوالي سان چيو ويو آهي ته دنيا جي سڀني کان وڌيڪ طاقتور هٿيار سب ميرين لائونچ بيلسٽڪ ميزائل جو اتر ڪوريا جي هٿيارن ۾ شامل ٿيڻ فوجي طاقت ۾ انتهائي طاقتور اضافي جو مظاهرو آهي.اتر ڪوريا جي مقامي ميڊيا طرفان جاري ڪيل ميزائل جي تصوير ۾ ڏٺو ويو آهي ته ميزائل تي pukguksong-5 جو ليبل لڳل آهي جيڪو گذريل سال آڪٽوبر ۾ اتر ڪوريا جي هڪ وڏي فوجي پريڊ ۾ متعارف ڪرايل pukguksong-4 جو هڪ اپ گريڊ ورزن آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔