سنڌ جي عوامي شاعر ابراهيم منشيءَ جو 87 هين جنم ڏينهن

ڪراچي: سنڌي  ٻولي ۾ رومانوي ۽ مزاحمتي شعر تخليق ڪري پنهنجي سريلي آواز ۾ عام ماڻهن تائين پهچائيندڙ عوامي شاعر ابراهيم منشيءَ جو اڄ 87 هون جنم ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي .ابراهيم مُنشي15 جنوري 1934ع تي تعلقي ۽َ َضلعي ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ جنهاڻ سومري ۾ محمد اسحاق  سومري جي گهر ۾ اکيون کوليون. ابراهيم منشيءَ جو جنم جيئن ته هڪ غريب گهراڻي ۾ ٿيو ان ڪري هو پرائمريءَ کانپوءِ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو ۽ ننڍي لاڪون ئي والد جي وفات سبب محنت ۽ مزدوري ڪرڻ ۾ جُنبي ويو. پنهنجي ڏکين حالتن ۽ زماني جي گردشن کان متاثر ٿي ابراهيم منشي 1949 ع ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ هن پنهنجي شاعري ۾معاشري جي هيٺين طبقي جي ڀرپور نمائندگي ڪئي. سندس شاعري جو محور سنڌ، سنڌي ٻولي، غريب ماڻهو، هاري ، پورهيت ۽ شاگرد رهيا. هن کي جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام کان تمام گهڻي نفرت هئي جنهن جو هن پنهنجي شاعريء ۾ کليو اظهار ڪيو آهي. ابراهيم منشي 1960ع ڌاري شيخ اياز جي انقلابي شاعريءَ کان متاثر ٿيو ۽ پوءِ پاڻ به انقلابي گيت سرجڻ لڳو.

66- 1965ع ۾ ماهوار ’روح رهاڻ‘ ۾ سندس شاعري ڇپي ۽ سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو”پيغام مظلوم“ (1970ع) ۾ ڇپيو. جنهن کانپوءِ وڳهه جا وريام، گوندر ويندا گذري،ڌرتي دين ڌرم، ڌونئري ڏينهن ڌاڙا ، اکر اکر اک جهڙا ڪتاب سنڌي ادب کي ڏنائين .

مرحوم ابراهيم منشي جي شهرت جو هڪ سبب پنهنجي آواز ۾ شاعري ڳائڻ ۽ پيش ڪرڻ به هو. شاعريء کي پڙهڻ ۽ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ جو ڏانء کيس ڀلي نموني ايندو هو.

هو زندگيء جي آخري سالن ۾ اڪثر بيمار رهندو پئي آيو ۽ کيس ٻه ڀيرا دل جو دورو پڻ پيو ۽ 31جولاء 2003ع تي دل جي دوري سبب حيدرآباد جي ديوان مشتاق اسپتال ۾ سندس ساهه جو سڳو ٽٽي ويو ۽ سنڌ جو هي ارڏو شاعر پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ سان وڃي مليو.

سانگ: نه ٿو جو سنڌ لاءِ وڙهي …

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔