وفاقي وزيرن پاران وزيراعظم کي نديم افضل چن جي استعيفيٰ منظور نه ڪرڻ جي درخواست

اسلام آباد: ذريعن موجب نديم افضل چن جي استعيفيٰ واري معاملي تي حڪومتي وزير حرڪت ۾ اچي ويا آهن ۽ انهن وزيراعظم کي ان جي استعيفيٰ منظور نه ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.

جن وزيرن وزيراعظم کي نديم افضل چن جي استعيفيٰ منظور نه ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي انهن ۾ فواد چوڌري، شيرين مزاري ۽ علي زيدي شامل آهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي ترجمان ۽ معاون نديم افضل چن استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو هو. ذريعن موجب نديم افضل چن جا حڪومت سان ڪيترن ئي معاملن تي اختلاف هئا. انهن پنهنجي استعيفيٰ وزيراعظم ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي.

ان کان علاوه نديم افضل چن مچ سانحي جي متاثرين وٽ وزيراعظم جي دير سان وڃڻ تي ناراض هو. هن 8 جنوري تي سماجي رابطن جي ويب سائٽ تي پنهنجي بيان ۾ لاچاري جو اظهار ڪيو هو ته(مان بي يارو مددگار معصوم پورهيتن جي لاشن تي شرمنده آهيان) ذريعن جو ان حوالي سان وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪجهه ڳالهين تي وزيراعظم کي به خدشا هئا جنهن سبب ٻنهي ۾ ڇڪتاڻ جي ڪيفيت هئي. نديم افضل چن ترجمان جي حيثيت سان ٻين سياستدانن تي تنقيد جي حوالي سان به ڪڏهن به وزيراعظم جي اميدن تي پورو ناهي لهندو.

18 اپريل 2018 تي پيپلز پارٽي ڇڏي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيندڙ نديم افضل چن پنهنجي استعيفيٰ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. نديم افضل چن ۽ شهباز  گل جي ٽوئٽر تي به ڇڪتاڻ ٿيندي رهندي آهي. ذريعن موجب نديم افضل چن کي وزيراعظم دٻيل لفظن ۾ استعيفيٰ ڏيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو هو.

نديم افضل چن جي ويجهن ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته هو تحريڪ انصاف سان لاڳاپيل رهندو صرف خاص معاون جو عهدو ڇڏيندو. واضح رهي ته اڱاري جي ڏينهن ٿيندڙ ڪابينه واري اجلاس ۾ وزيراعظم واضح ڪيو هو ته جيڪو شخص پارٽي جي پاليسي موجب نٿو هلي سگهي اهو استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔