نيب چيئرمين چئي رهيو آهي ته مون کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي: سليم مانڊوي والا

اسلام آباد: سليم مانڊوي والا چيو آهي ته نيب چيئرمين چوي ٿو ته مون کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي هو هتي اچي  اسان کي ٻڌائي ته هن کي ڪير بليڪ ميل ڪري رهيو آهي.

رپورٽ موجب سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سليم مانڊوي والا خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته نيب جيڪي غلطيون ڪري رهيو آهي ان کي روڪيو وڃي جنهن ملڪ ۾ پارليامينٽ ڊڄي وڃي اتي عام ماڻهو ته ڪٿي جو به نه رهندو.  هي جيتريون انڪوائريون ڪرڻ چاهين ٿا ڪري وٺن اسان ڳالهائيندا رهنداسين.

هي منهنجو ذاتي جهيڙو ناهي منهنجي مٿان ڀلي 10 ڪيس ٺاهيا وڃن مون کي ان جي پرواهه ناهي، پر هتي نيب ظلم ڪيو ويٺو آهي ماڻهو هتي اچي مون کي چون ٿا ته اسان کي نيب کان بچايو. سليم مانڊوي والي چيو ته حڪومت کي نيب جو احتساب ڪرڻ ۾ ڪهڙو اعتراض آهي. نيب چيئرمين پاڻ چئي رهيو آهي ته مون کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي. نيب چيئرمين ٻڌائي ته کيس ڪير بليڪ ميل ڪري رهيو آهي جيستائين نيب وارا پنهنجا اثاثا ڊڪليئر نٿا ڪن منهنجي جدوجهد جاري رهندي. مون کي پيغام ملي رهيا آهن ته اوهان جون وڌيڪ انڪوائريون ڪنداسين.

ٻئي طرف سينيٽر شيري رحمان چيو ته بجلي، گيس بحران تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، نديم بابر صاحب ڪٿي آهي، ملڪ ۾ اهڙو بليڪ آئوٽ ٿيو جيڪو صرف جنگ جي دوران ٿيندو آهي.  بليڪ آئوٽ 3 ڏينهن تائين جاري رهيو. ڪالهه رات نيپرا انڪوائري جي لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي. ٻلي کي کير جي انڪوائري لاءِ ڇڏيو ويو آهي اسان هن انڪوائري ڪميٽي کي رد ڪريون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔